قائد اعظم جي مزار تي سنڌ حڪومت پاران خصوصي ٻارڙن لاءِ جشن آزادي جو پروگرام
( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت پاران قائد اعظم جي مزار تي باصلاحيت خصوصي ٻارن سان جشن آزادي جو پروگرام.
وڏو وزير سيد مراد علي شاهه خصوصي ٻارن سان گڏجي مزار قائد پهتو، صوبائي وزير، صلاحڪار ۽ خاص معاون وڏي وزير سان گڏ موجود هئا.
خصوصي ٻارن قومي تراني سان جشن آزادي پروگرام جي شروعات ڪئي،وڏي وزير جو چوڻ آهي ته 13آگسٽ تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ڪنسرٽ منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ خصوصي ٻارن لاءِ ڪنسرٽ ۾ خصوصي جاءِ ٺاھي ويندي
