ويسٽ انڊيز، پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو
(ويب ڊيسڪ ) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ ( ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز ) پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ ٽيم جي قيادت شي هوپ ڪندو.
ٻين رانديگرن ۾ جوَيل اينڊريو، جيڊيا بليڊس، ڪيسي ڪارٽي، روسٽن چيز، ميٿيو فورڊ، جيسٽن، گِراويس ۽ عامر جانگو شامل ڪيو ويو.
ان کانسواءِ شيمار جوزف، برينڊن ڪنگ، ايون ليوس، گڙڪيش موتئي، شريفن ردرفورڊ، جيڊن سيلز ۽ رومارئيو شيفرڊ به اسڪواڊ جو حصو آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز اٺ آگسٽ کان شروع ٿيندي.
