غوثپور ويجھو پراڻي ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ، واٽهڙو نينگري سميت 2 ڄڻا قتل: پيرسن زخمي

08-4

غوثپور ( رپورٽر ) ڳوٺ داد محمد ميراڻي ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو، فائرنگ ۾ واٽھڙو نينگري عليشاءِ ميراڻي سميت 2 ڄڻا قتل، پيرسن زخمي.

ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ پنهنجي گھر ٻاھران بيٺل 12ورھين جي نينگري عليشاءِ ميراڻي سندس ڏاڏو غلام نبي ميراڻي ۽ اسدالله ميراڻي زخمي ٿي پيا

زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي نوجوان اسد الله ميراڻي ۽ نينگري عليشاءِ ڌيءُ عبدالقيوم ميراڻي دم ڏئي ڇڏيو

اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته پيرسن غلام نبي ميراڻي کي طبي امداد ڏني وئي

پوليس موجب گل حسن ميراڻي جي ڌر پاران نادر ميراڻي ۽ عبدالخالق ميراڻي جي ڌر تي ڪارنھن الزام ھجڻ تان حملو ڪري فائرنگ ڪئي وئي، جوابي فائرنگ ۾ اسدالله ميراڻي مارجي ويو ۽ واٽھڙو نينگري عليشاءِ ميراڻي ۽ سندس ڏاڏو غلام نبي ميراڻي زخمي ٿي پيا جن مان نينگري فوت ٿي وئي

ٻئي طرف مقتولا نينگري جي والد عبدالقيوم ميراڻي ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناھي، جوابدارن اسان جي گھرن مٿان حملو ڪري ظلم ڪيو آھي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *