پ پ وارا هيڏي پوليس گھرائڻ بدران سڌو ٻڌائين ته گرفتاري ڏيان: مرتضيٰ جتوئي
مورو ( رپورٽر ) گھرو وزير جي گھر کي باھه ڏيڻ واري ڪيس ۾ غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي دھشتگردي ٽوڙ خاص عدالت ۾ پيش ٿيا. جتي وڪيلن سندن پڪي ضمانت لاءِ دليل ڏنا، جنھن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 11 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي.
غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي جي عدالت پھچڻ تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ھئا. عدالت ايندڙ رستا سيل ڪيا ويا، جڏھن ته ٽن ضلعن سانگھڙ، شھيد بينظير آباد ۽ نوشهروفيروز جا اھلڪار وڏي انگ ۾ مقرر ڪيا ويا. سانگھڙ ۽ نوابشاھه جا ايس ايس پي پڻ عدالت پھتا. ايس ايس پي نوابشاهه غلام شبير سيٺر ۽ سانگھڙ جو ايس ايس پي عابد بلوچ پھچي سيڪيورٽي جو جائزو ورتو ۽ ٻڌڻي جي آچر تائين عدالت ٻاھران موجود رھيا.
ھوڏانھن اين پي پي سربراھه غلام مرتضيٰ جتوئي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مان پ پ جي دوستن کي مشورو ڏيندو رھندو آھيان ته وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن کي بيھاري سرڪاري پئسي جو ذيان نه ڪيو. اھي پئسا ڪنھن سٺي ڪم تي خرچ ڪيو. ھن چيو ته مون سدائين عدالتي حڪمن جي تعميل ڪئي آھي. ھن کان پھريان به گرفتاري ڏني آهي ۽ ھينئر عدالت حڪم ڪيو ته پاڻ گرفتاري ڏيندس.
