سنڌ اسيمبلي پاران ڪشمير جي آزاد حيثيت ختم ڪرڻ تان ڀارت خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور
( ويب ڊيسڪ )سنڌ اسيمبلي ڪشمير جي آزاد حيثيت ختم ڪرڻ تان ڀارت خلاف مذمتي ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. ڪالهوڪي اجلاس ۾گھرو مامرن واري وزير ضياالحسن لنجار پاران ڪشمير جي حيثيت ختم ڪرڻ تان ڀارت خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.
ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد شاھه ٺهراءُ تي ڳالهائيندي چيو ته مودي سرڪار غير قانوني طور ڄمون ڪشمير جي حيثيت ختم ڪئي. دنيا ۾ پهريون ڀيرو ڀارت پنهنجن ڪشميري شهرين سان غداري ڪئي. ڀارت بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ڀارت ڪشميرين مٿان ظلم جي انتها ڪري رهي آهي. ڪشميرين خلاف ظلم برداشت نٿا ڪري سگهون.
هن چيو ته والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت جو خاتمو قبول ناهي. ڀارت جي ظلم کي رد ڪريون ٿا. ڪشمير ڀارت جو ناهي، ڪشمير ڪشميرين جو آهي. ڀارت کي مليل شڪست مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي
