پنج آگسٽ جو ڏينهن ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آھي: بلاول ڀٽو زرداري

Photo_28079

( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پيغام جاري ڪندي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت کي هڪ طرفي طور تي ختم ڪيو، ڀارت جي 5 اگسٽ تي کنيل قدمن صرف گڏيل قومن جي قرارداد نه پر ڪشميري عوام جي خواھشن کي ختم ڪيو

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مودي حڪومت جو مقصد ڪشميرين جي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ آھي، والاريل ڪشمير ۾ پرڏيھي ماڻھن جي ڊوميسائل جاري ڪرڻ جھڙن قدمن جي به مذمت ڪيون ٿا.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مودي حڪومت جا ھي سمورا قدم نه صرف غير قانوني پر سڄي هڪ قوم خلاف جارحيت آھي، پاڪستان جي عوام ۽ خاص طور تي پيپلز پارٽي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آھي.

ھن جو چوڻ ھو ته اسان قائد عوام ۽ شھيد محترمه جي مشن کي اڳتي وڌائيندا رھنداسين، اسان ڪشمير جي ماڻھن کي انهن جي مشڪلات ۾ ڪڏھن به اڪيلو نه ڇڏينداسين.

ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسان والاريل ڪشمير جي عوام جي جرت ۽ مزاحمت کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ھي جدوجھد ھر ان قوم لاءِ احترام جو مقام آھي، جيڪي جمھوريت ۽ انساني وقار تي يقين رکن ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *