سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واهن ۽ تلائن ۾ 4 نينگر ٻڏي فوت ٿي ويا
(نمائندن وٽان ) ڄامشوري ڀرسان ڪي بي فيڊر ۾ وهنجڻ دوران نينگر ٻڏي فوت، نينگر عرفان بروهي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام متل آهي،
پنوعاقل ڀرسان ڪورائي واهه ۾ 12 ورهين جو عرفان موچي ٻڏي فوت ٿي ويو، نصيرآباد لڳ ڳوٺ ڪور بروهي ۾ نينگر تلاءَ ٻڏي فوت ٿي ويو، فوتي نينگر محمد عاطف بروهي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو
ٺل ڀرسان موسيٰ الهه آباد شاخ مان نوجوان جو مڙهه هٿ ڪيو ويو سڃاڻپ، ڪراچي واسي محمد علي پٽ امام الدين چنا طور ڪئي وئي
همايون شريف ڀرسان ڳوٺ بلند جي وانڍ ۾ نينگر تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، فوتي نينگر ڪبير چانڊيو جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام متل آهي
