پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ساليانو واپار 8 ارب ڊالرز تائين پهچندو، هدف مقرر
( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ساليانو واپار 8 ارب ڊالرز تائين پهچڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي
ان سلسلي ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال ۽ ايران جي صنعت ۽ واپار جي وزير محمد آتابڪ جي اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ ٻن طرفن لاڳاپن ۽ واپار کي وڌائڻ تي زور ڀريو ويو
ملاقات ۾ گڏيل اقتصادي ڪميشن جي ايندڙ اجلاس کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، واپار جي وزير ڄام ڪمال چيو ته ايران سان واپاري لاڳاپن جي اهم ضرورت آهي،
