سرحدي سيڪيورٽي کي بهتر بنائڻ لاءِ ٻطرفو لڳاپو ضروري آهي: ايراني صدر
( ويب ڊيسڪ ) ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان پاڪ ايران بزنس فورم کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سان سٺا لاڳاپا ايران جي پرڏيهي پاليسي جو اهم جز آهن، ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون
هن چيو ته سياسي، اقتصادي، ثقافتي، شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي
هن وڌيڪ چيو ته سرحدي سيڪيورٽي کي بهتر بنائڻ لاءِ ٻطرفو لڳاپو ضروري آهي، امن لاءِ مسلمان ملڪن کي متحد ٿيڻ گهرجي
هن چيو ته موجوده حالتن ۾ مسلمانن کي ٻڌي ڪرڻي پوندي، هن پاڪستان جي قومي شاعر علام اقبال تي ڳالهائيندي چيو ته علامه اقبال جي شاعري اسان لاءِ به مشعل راهه آهي
