ويسٽ انڊيز دلچسپ مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي
( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيون ٽي 20 فلوريڊا ۾ کيڏيو ويو.
قومي ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر ڪيل اوورن ۾ ويسٽ انڊيز کي 134 رنسن جو هدف ڏنو.
پاڪستان طرفان حسن نواز سڀ کان وڌيڪ 40 رنسون ٺاهيون، ڪپتان سلمان علي آغا 38 جڏهن ته فخر زمان 20 رنسون ٺاهي سگهيو.
ويسٽ انڊيز جي جيسن هولڊر 19 رنس ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته گوداڪيش موتي 39 رنسن ڏئي ٻه وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ ويسٽ انڊيز آخري بال تي 134 رنسن جو هدف حاصل ڪيو، گوداڪيش موتي 28 ۽ ڪپتان شائي هوپ 21 رنسون ٺاهيون.
واضع رهي ته ٽن ميچن جي سيريز هڪ-هڪ سان برابر ٿي چڪي آهي.
