ڏکڻ آفريڪا فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ليجنڊز ليگ جو ٽورنامينٽ کٽي ورتو
( ويب ڊيسڪ ) برمنگھم ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ پاڪستان چيمپيئنز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 195 رنسون ٺاهيون
پاڪستان جي شرجيل خان 44 بالن تي 76 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڏکڻ آفريڪا جي ولجان ۽ وين پارنيل 2-2 وڪيٽون ورتيون.
ڏکڻ آفريڪا هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 17 هين اوور ۾ 196 رنسن جو هدف حاصل ڪيو، ڏکڻ آفريڪا جي اي بي ڊي ويليئرز 60 بالن تي ناقابلِ شڪست 120 رنسون ٺاهيون
