مٽياري: واپڊا هائڊرو  اليڪٽرڪ سينٽرل ليبر يونين جو  مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Screenshot 2025-08-02 14-20-53

مٽياري ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ ) واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ سينٽرل ليبر يونين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي ڊويزنل چيئرمين مولا بخش خاصخيلي، شهاب الدين خاصخيلي، برڪت ڳاهوٽي ۽ ٻين ڪئي.

احتجاجي ريلي شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي مٽياري پريس ڪلب پهتي، جتي اڳواڻن جو چوڻ هو ته واپڊا ملازمن سان زيادتين جو سلسلو بند ڪيو وڃي، نئين ڀرتي ٿيل ملازمن کي مستقل ڪيو وڃي ۽ سڀني ملازمن کي بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن، هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *