اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ هڪ دفعو ٻيهر زلزلي جا لوڏا
اسلام آباد ۽ پنڊي کان علاوه اٽڪ، صوابي ۽ ظفروال ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جا جهٽڪا رات جو 12:10 تي محسوس ڪيا ويا.
زلزلي جي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.1 رڪارڊ ڪئي وئي. ڪالهه به خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا جن ۾ اسلام آباد ۽ پنڊي شامل آهن.
