ملڪ اندر 4 کان 7 آگسٽ تائين تيز برساتن جي اڳڪٿي

rain-1

( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي 4 کان 7 آگسٽ تائين ملڪ ۾ تيز برساتن ۽ دريائن ۽ واهن ۾ ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسم جي اڳڪٿي ڪندڙن موجب 4 کان 7 آگسٽ تائين ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ مينهن جو امڪان آهي.

هن چيو ته 4 کان 7 آگسٽ تائين خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ به تيز برساتن جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب بلوچستان ۽ سنڌ ۾ 6 آگسٽ تي تيز برسات جو امڪان آهي. تيز برساتن سبب دريائن ۽ واهن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *