منهنجا پٽ مون سان ملڻ لاءِ پاڪستان ايندا، ڪنهن به سياسي يا احتجاجي تحريڪ جو حصو نه بڻجندا: عمران خان

7

( ويب ڊيسڪ ) اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ توشه خانه II ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي باني عمران خان پنهنجي پٽن سان رابطي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته مون پنهنجي پٽن قاسم ۽ سليمان سان فون تي ڳالهايو آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيو ته پٽن سان ڏيڍ ڪلاڪ تائين ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي،

ياد رهي ته عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان انڪشاف ڪيو ته سندس پٽ قاسم ۽ سليمان پاڪستاني ويزا لاءِ درخواست ڏني آهي ۽ گهرو وزارت کان منظوري جو انتظار ڪري رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *