ايراني صدر ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو شاندار استقبال
( ويب ڊيسڪ ) ايراني صدر مسعود پيشڪشيان اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي لاهور پهتو، جتي صدر مسلم ليگ (ن) نواز شريف ۽ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سندن جو استقبال ڪيو.
ايراني صدر جي استقبال لاءِ علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڀرپور تياريون ڪيون ويون. ايئرپورٽ کي پاڪستان ۽ ايران جي جهنڊن سان سينگاريو ويو هو ۽ ڳاڙهو قالين پڻ وڇايو ويو. علامه اقبال جي مزار تي حاضري ايراني صدر اڄ شام اسلام آباد لاءِ روانو ٿيندو. ايراني صدر پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو آهي. ايراني صدر اڄ شام صدر آصف علي زرداري، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني سان پڻ ملاقات ڪندو
