خيرپور: شاهه حسين باءِ پاس وٽان شهري کان موٽرسائڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش مذاحمت تي زخمي
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) شاهه حسين ٿاڻي جي حد شاهه حسين پل وٽ موٽرسائيڪل سوار صداقت اعواڻ پنهنجي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي خيرپور شهر اچي رهيو هو ته اڻڄاتل ڦورن اڳ ڏئي کانئس موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
جنهن تي شهري مزاحمت ڪئي ته ڦورن فائرنگ ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ بغير فرار ٿي ويا، واقعي بعد زخمي شهريءَ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو
