سون جي قيمت ۾ 6 هزار هڪ سئو رپيا في تولو اضافو
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هزارين رپين جو اضافو ٿيو آهي. في تولو سون جي قيمت ۾ 6,100 رپيا واڌ ٿي آهي.
سنڌ صرافه بازار ايسوسيئيشن موجب سون جي قيمت ۾ واڌ بعد في تولو سون جي قيمت 3 لک 59 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
