غزه ۾ اسرائيلي حملا جاري، وڌيڪ 41 فلسطيني شهيد ٿي ويا
( ويب ڊيسڪ ) قطري نشرياتي اداري الجزيره موجب مقامي اسپتالن جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته صبح کان وٺي 41 ماڻهو پنهنجيون حياتيون وڃائي چڪا آهن.
الاقصيٰ شهيد اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج امداد جي انتظار ۾ ويٺل مظلوم فلسطيني تي تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ 19 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
فلسطيني وزارت صحت جي مطابق 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي هن مهل تائين اسرائيلي حملن ۾ 60,249 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن ۽ 4,789 زخمي ٿيا آهن.
