سينئر وڪيل خواجه شمس الاسلام مسجد ٻاهران فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو
ڪراچي: سينئر وڪيل خواجه شمس الاسلام ڊي ايڇ اي فيز 6 واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ويو آهي.
هو 30 سال کان وڌيڪ عرصو قانوني پيشي سان لاڳاپيل رهيو.
مٿس 2024ع ۾ به قاتلاڻو حملو ڪيو ويو هو. شمس الاسلام سنڌ هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ ۽ بار ايسوسيئيشن جو نمائندو رهيو آهي. هو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو هو.
