پاڪستان، افغانستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽي ملڪي سيريز جو شيڊول جاري
( ويب ڊيسڪ ) ٽي 20 ٽئي ملڪي سيريز 29 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين شارجه ۾ کيڏي ويندي، جنهن جو افتتاحي ميچ 29 آگسٽ تي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.
في ٽيم هڪ ٻئي سان ٻه ڀيرا کيڏندي، سيريز جو ٻيون ميچ 30 آگسٽ تي يو اي اي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ کيڏيو ويندو، يو اي اي ۽ افغانستان 1 سيپٽمبر تي هڪ ٻئي سان آمهون سامهون ٿيندا.
پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر 2 سيپٽمبر تي افغانستان سان مقابلو ڪندو، پاڪستان 4 سيپٽمبر تي يو اي اي سان مقابلو ڪندو، ۽ افغانستان 5 سيپٽمبر تي يو اي اي سان مقابلو ڪندو.
ٻن ٽاپ ٽيمن جي وچ ۾ ٽي ملڪي سيريز جو فائنل 7 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو، سيريز جا سڀئي ميچ شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا.
