سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گرمين جون موڪلون ختم، تعليمي ادارا کلي ويا
( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ گرمين جي موڪلن کان پوءِ اڄ کان تعليمي ادارا کلي ويا آهن ۽ تدريسي عمل شروع ٿي ويو آهي.
اسڪول کلڻ جي پهرين ڏينهن تي شاگردن جي حاضري معمول کان تمام گهٽ آهي.
ڪراچي ۾ اڪثر خانگي اسڪولن پاران 4 آگسٽ کان اسڪول کولڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ياد رهي ته سنڌ جي تعليم کاتي پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين موڪلن جو اعلان ڪيو هو.
