هالا: معذور پوليس اهلڪار جو بااثر ضمير شاهه جي ناجائزين خلاف احتجاج

Screenshot 2025-08-01 13-55-37

هالا ( رپورٽ: فهيم چانڊيو ) معذور پوليس اهلڪار رحمت الله راجپوت ٻڌايو ته هو ٽنگ کان معذور ۽ نورڪيٽي ٿاڻي تي ڏيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار آهي،

هن چيو ته سعيدآباد واسي سيد ضمير حسين شاهه سندس ڀائرن پوليس اهلڪار رفاقت علي، مشتاق احمد، عرفان راجپوت کي سندس خلاف ڀڙڪائي سندس گهر، دڪان ۽ زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ لاءِ مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ سميت سندس گهرن تي چڙهائي ڪندي گهرڀاتين کي گارگند ڪندي کين گهر خالي ڪرڻ لاءِ سندس ٻارن کي ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا

هن ٻڌايو ته سندس ننڍو ڀاءُ جيڪو هيڊڪوارٽر مٽياري ٿاڻي تي مقرر آهي جنهن مان کيس جاني و مالي خطرو آهي، مامري جو نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف مهيا ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *