ميهڙ: ڊگري ڪاليج جي پرسنپل پاران ايس ڊي او واپڊه کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ ليٽر

WhatsApp Image 2025-07-31 at 13.53.37_8d97517e

ميهڙ ( رپورٽ: ساحل ارشاد سومرو ) ميهڙ ۾ ڊگري ڪاليج جي پرنسپال پاران ايس ڊي او واپڊا کي ڪاليج ۾ امتحاني پيپرن دوران پوليس مقرر ڪرڻ جو ليٽر موڪلي ڇڏيو ، ايس ڊي او واپڊا به ليٽر جو مفهوم سمجهي نه سگهيو ، موڪليل ليٽر تي نوٽ هڻي وڌيڪ ڪاروائي لاءِ ايڪس اي اين واپڊا کي موڪلي ڇڏيو ليٽر سوشل ميڊيا تي وائرل ماڻهو مذاق اڏائڻ لڳا

ميهڙ ۾ ڊگري ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر غلام حيدر سومرو جي صحيح سان بي ايس سي ، بي اي ۽ اي ڊي ايس جي سالياني امتحانن جي سلسلي ۾ ڪاليج توڙي امتحاني سينٽر ۾ امن امان جي صورتحال برقرار ۽ بهتر رکڻ لاءِ پوليس اختيارين بجاءِ ايس ڊي او واپڊا (سيپڪو) ميھڙ کي ليٽر لکي 22 جولاء 2025 کان 11 آگسٽ 2025 تائين ڪاليج ۾ امتحاني پرچن دوران پوليس مقرر ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي

ھوڏانھن ايس ڊي او واپڊا کي اهڙو ليٽر ملڻ کان پوءِ ايس ڊي او واپڊا سب ڊويزن سيپڪو ميھڙ مشتاق ميراڻي به ليٽر جو مفهوم سمجهي نه سگهيو ۽ هن پنهنجي پاران موڪليل ليٽر تي نوٽ هڻي واپڊا جي ايڪزيڪيٽو انجنيئر ڏي وڌيڪ ڪاروائي ۽ قانون موجب عمل ڪرائڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو

ڊگري ڪاليج ميهڙ جي پرنسپال ۽ ايس ڊي او واپڊا ميهڙ جي اهڙي عمل ۽ موڪليل ليٽر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو جنهن بعد مذڪوره ليٽر تنقيد توڙي مذاق جو مرڪز بڻيل رهيو شهرين جو چوڻ هيو ته اگر پرنسپال ڊگري ڪاليج کان غلطي ٿي هئي ته ايس ڊي او واپڊا کي ليٽر پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ها سوشل ميڊيا تي ليٽر وائرل ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي ادارن جا عملدارن مٿان سخت تنقيد ڪئي وڃي پئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *