اوٻاوڙو: ڀٽا ۽ چاچڙ تڪرار تان ڏوهارين پاران نوجوان جي تذليل، ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

WhatsApp Image 2025-07-31 at 22.46.59_5357c1b7

اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) رونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ بدنام ڌاڙيلن راحب شر ۽ چاندي شر پاران ڀٽو ۽ چاچڙ برادرين سان خوني تڪرار تان ننڍو ڀٽو ۽ مٺو  چاچڙ جي مبينا مخبر بڻجي آيل جي الزام هيٺ تڙت برادري جي نوجوان  منير تڙت مٿان انسانيت سوز تشدد ڪيو آهي

ڏوهارين جي مبينا مخبر جي الزام هيٺ آيل نوجوان جي مٿي جا وار ڪوڙيا ويا ۽ مٿس انسانيت سوز تشدد ڪندي پادرن جا هار پارايا ويا آهن، ڏوهارين اهڙي قسم جي ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي آهي

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نوجوان مٿان انسانيت کي لڄائيندڙ عمل ڪندي کيس ڏوهاري قرار پيو ڏنو وڃي

هوڏانهن ويڊيو ۾ نظر ايندڙ نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي نوجوان جو زهني توازن درست ناهي جنهن کي بدنام ڏوهارين پڪڙي مٿس مخبري جي الزام هيٺ انسانيت سوز تشدد ڪيو آهي

مبينا مغوي نوجوان جا وارث اپيل ڪري رهيا آهن ته اسان جي نوجوان جي زندگي کي خطرو آهي، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي اسان جي نوجوان کي ڏوهارين جي قبضي مان بازياب ڪرائن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *