عارف علوي ۽ گنڊاپور سميت 50 اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري

Photo_28052

دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت اڳوڻي صدر عارف علوي، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سميت 50 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، 26 نومبر جي احتجاج جي سلسلي ۾ ڪراچي ڪمپني پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ، عدالت اڄ 41 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن، جڏهن ته 9 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ اڳ ئي جاري ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح ڪل 50 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، ڪراچي ڪمپني پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جا وارنٽ جاري ڪيا ويا، جوابدارن ۾ عارف علوي، عبدالقيوم نيازي، شبلي فراز، فيصل جاويد، سلمان اڪرم راجا، رئوف حسن، مراد سعيد ۽ احمد نيازي شامل آهن، ان کانسواءِ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، اسد قيصر، حماد اظهر، عاطف خان، شعيب شاهين، اعظم خان سواتي، عمر ايوب، صاحبزاده حامد رضا، عليما خانم، شيخ وقاص اڪرم، ڪنول شوزب، شندانا گلزار ۽ مروه جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جوابدار جي پيش نه ٿيڻ تي وارنٽ جاري ڪيا، عدالت جوابدار کي فوري طور تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *