خيرپور: مزدور نوجوان پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، وارثن پاران زهر ڏئي مارڻ جو الزام
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لقمان واسي نوجوان عمران پٽ رانجهن مگسي مبينا طور زهريلي دوا پي پنهنجي زندگي جو انت آندو آهي
ان ڏس ۾ نوجوان جي والد رانجهن مگسي ٻڌايو ته سندس پٽ مينهن جي واڙي تي ڪم ڪندو هو جيڪو واڙي کان گهر آيو ته سندس طبيعت خراب ٿي ۽ هو بيهوش ٿي ڪري پيو جنهن کي سول اسپتال خيرپور پهچايو جتي هو فوت ٿي ويو
هن الزام مڙهيو ته هو واڙي تان ڪجهه کائي آيو يا کيس کارايو ويو ڪا به خبر ناهي، مامري جي جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي
