ڏوڪري: ڪجهه ڏينهن صحافي جي سئوٽ کان ڦر ٿيل موٽرسائڪل ريڪوور
ڏوڪري ( رپورٽ: بابر ٻگهيو ) ڪجهه ڏينهن اڳ باقراڻي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن نيوز نائو ايڇ ڊي جي رپورٽر صحافي بابر ٻگهيو جي سئوٽ ضمير ٻگهيو کان هٿيارن جي زور تي ڦر ڪيل موٽرسائيڪل لاڙڪاڻو پوليس جي ڪارروائي بعد ريڪوور
ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل جودري واقعي جو نوٽيس وٺندي، انٽيليجنس ۽ سي آءِ ون فاءِ جي مدد سان فوري ڪارروائي جي هدايت ڪئي. پوليس حڪمت عملي سان موٽر سائيڪل کي ٽريڪ ڪري بازياب ريڪوور ڪرايو ويو ۽ اصل مالڪ ضمير احمد ٻگهيو حوالي ڪئي وئي.
