نئون ديرو: پوليس ڪاروائي ڪندي موبائل ڦر ڪندڙ 2 ڦورو گرفتار ڪري ورتا

WhatsApp Image 2025-07-31 at 20.38.13_54ee05c8

نئون ديرو ( رپورٽ: وقار ڀٽو ) گذريل رات ڳوٺ الهڏنو ڏاهاڻي ٻاهران 3 هٿياربند ڦورن سرمد، غلام الله ۽ الهڏنو ڏاهاڻي کان موبائل فونون ڦري فرار ٿي ويا هئا

پوليس ڦريل موبائل فونن جا ڪوڊ کولرائڻ لاءِ پهتل ٽن ڦورن بابت مليل ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي 2 ڦورن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ فرار ٿيل هڪ ڦورو بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي

پوليس موجب پڪڙيل ڦورن جي سڃاڻپ ڪامران ۽ بادشاهه ڀٽو طور ڪئي وئي آهي جن کي نئون ديرو ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *