ٺل: موسيٰ الهه آباد شاخ  ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي فوت، هفتي اندر ٻڏي فوت ٿيلن جو انگ 7 ٿي ويو

WhatsApp Image 2025-07-29 at 11.50.16_703a44fb

ٺل ( رپورٽ: سلطان ڀٽي ) موسيٰ الهھ آباد شاخ ۾ 20 سالن جو حمير لاشاري  شاخ ۾ وھجندي ٻڏي بيھوش ٿي ويو، جنهن کي وارثن بيھوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي

هوڏانهن تعلقه اسپتال  جي نااهلي سبب نوجوان جو مڙهه چنڱچي ڦٽي واري رڪشي ذريعي گهر منتقل ڪيو ويو، سرڪاري اسپتال ۾ ايمبولنس جي سروس هوندي به شهرين کي اسپتال انتظاميه ايمبولنس فراهم نه ڪئي

مڙهه گھر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا، ھڪ ھفتي اندر ٺل جي ڀرپاسي ۾ مختلف شاخن ۾ ٻڏي فوت ٿي ويلن جو انگ 7 ٿي ويو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *