خيرپور: سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب ڪچي اندر 10 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، لڏپلاڻ جاري
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب خيرپور جي ڪچي وارا علائقا فيض محمد ٻنڊو، ڪي ٽي پير پاڳارو، راکا لانڍيون، نادر شاهه جون نريون ۽ ٻيا علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا
ٻڌايو پيو وڃي ته درياهه ۾ چاڙهه سبب ڳوٺ مينگهو خروس، ڳوٺ حضور بخش جوڻيجو، ڳوٺ سومر ملاح، ڳوٺ فاضل راهوجو، ڳوٺ شاهنواز خروس سميت 10 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه سبب مختلف فصل ڪيلا، ٻاجهري، ڪريلا، جوئر ۽ ٻيو فصل ۽ ڀاڄيون ٻڏي ويا جنهن ڪري ڳوٺاڻن کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي
ھوڏانھن درياهه ۾ چاڙهه سبب ڳوٺن ۾ پاڻي اچڻ ڪري متاثر ڳوٺاڻا مٿانهين وارن علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن
