ٺل: ھڪ ھفتي دوران شاخن ۽ واھن ۾ ٻڏي فوت ٿيل معصوم ٻارن جو انگ پنج ٿي ويو

WhatsApp Image 2025-07-28 at 11.22.28_b4fb3a28

ٺل ( رپورٽ: سلطان ڀٽي ) آبڪلاڻي جي موسم ۾ ھڪ ھفتي دوران ٺل جي ڀرپاسي وارن علائقن جي شاخن ۽ واھن ۾ ٻڏي ويل معصوم ٻارن جو انگ پنج ٿي ويو  آهي، علائقي ۾ ڳڻتي واري صورتحال پکڙيل

ڦال ڳڙھي حسن برانچ ۾ ڳوٺ خدابخش نوناري وٽان شوڪت کوسو جا ٻه معصوم نينگر پنجن ورھين جو ابوبڪر ۽ ستن ورھين جو راشد احمد پاڻيءَ جي تيز وھڪري ۾ لڙھي ويا، سندن مڙهه 40 ڪلاڪن جي مسلسل ڳولھا بعد برانچ جي مختلف ھنڌن تان مليا

ٻئي پاسي ٽي ڏينهن اڳ ڳوٺ ساماڻو ڪنراڻي ۾ ستن ورھين جو اعظم پٽ ارشاد ڪنراڻي پڻ گھر ڀرسان وھندڙ واهه ۾ ٻڏي ويو کيس بيھوشي واري حالت ۾ پاڻي مان ڪڍي اسپتال پھچايو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي

ھوڏانھن ٻھ ڏينهن اڳ ڳوٺ رئيس پھلوان ڀٽي ۾ پڻ ٻھ نينگريون اٺن ورھين جي زاھده ڌي الھه وڌايو ڀٽي ۽ عاصمه ڌي ظھور ڀٽي موسا الله باد شاخ ۾ ٻڏي ويون ريسڪيو 1122 جي ٽيم ۽ سرڪاري ٽوٻن 36 ڪلاڪن جي مسلسل ڳولھا بعد مڙهه هٿ ڪيا ويا

انتظاميا ۽ آبپاشي عملدارن شاخن ۽ واھن جي ڪپرن تي وسندڙ ڳوٺاڻن کي خبردار ڪيو آهي ته پنهنجي ٻارن کي شاخن جي ڪپرن تي کيڏڻ ۽ پاڻي ۾ وھنجڻ کان روڪين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *