ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ۾ پاڪستان چيمپيئنز جي مسلسل ٽئين فتح
(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ۾ جاري ورلڊ چيمپئن شپ آف ليجنڊز ۾ پاڪستان چيمپئنز شاندار راند جو مظاهرو ڪندي ويسٽ انڊيز چيمپئنز کي 49 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، جيڪا ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي مسلسل ٽئين فتح آهي.
ميچ جي شروعات ۾ پاڪستان چيمپئنز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 200 رنسون ٺاهيون. ڪامران اڪمل شاندار بيٽنگ 62 بالن ۾ 113 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.
جواب ۾ ويسٽ انڊيز چيمپيئنز مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 151 رنسون ٺاهي سگهيا. چيڊوڪ والٽن 42، وليم پرڪنز 30 ۽ ڊوائن براوو 30 رنسون ٺاهيون.
ان کان اڳ پاڪستان چيمپيئنز ڏکڻ آفريقا چيمپيئنز کي 31 رنسن تانشڪست ڏني هئي. ٽيم جي لڳاتار فتح بعد فائنل ۾ پهچڻ جون اميدون مضبوط نظر اچن پيون.
