پاڪستان پاران نئون ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ 31 جولاءِ تي لائونچ ڪرڻ جو اعلان
( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جو نئون ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ 31 جولاءِ تي لائونچ ڪيو ويندو، جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
سپارڪو مطابق پاڪستان جو نئون ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ 31 جولاءِ تي چين جي شهر شيچانگ سينٽر تان لائونچ ڪيو ويندو. لائونچ ٿيندڙ سيٽلائٽ فصلن جي بهتر نگراني، زراعت جي صحيح معلومات ۽ شهري منصوبابندي ۾ مڪمل مدد فراهم ڪندو.
پاڪستان جو نئون لائونچ ٿيندڙ سيٽلائيٽ ٻوڏ، زلزلي ۽ لينڊ سلائيڊنگ جهڙين آفتن لاءِ اڳواٽ خبردار ڪندو ۽ سي پيڪ سميت قومي ترقياتي منصوبن لاءِ نگراني ۾ مدد مهيا ڪندو.
