خيرپور: ڊرائيور کان رشوت وٺندڙ اهلڪارن خلاف ڪاروائي، 4 اهلڪار ايس ايس پي جي حڪم تي سوگها، ڪيس داخل
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) پوليس پڌرائي موجب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو بعد اي سيڪشن ٿاڻي تي 4 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
حراست ۾ ورتل اهلڪارن ۾ ٽئي ٽريفڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ ضلعي پوليس جو اهلڪار شامل آهي
ڪوثر اسپتال ڀرسان ٽرڪ ڊرائيورن کان پئسا وٺڻ ۽ کين حراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺندي سندن خلاف ڪاروائي ڪئي وئي
ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي ته چار اهلڪار ٽرڪ ڊرائيورن کان پئسا وٺي رهيا آهن ۽ کين حراسان ڪري رهيا آهن
ايس ايس پي موجب پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن لاءِ ڪا به جڳهه ناهي عوام سان ناروا سلوڪ ڪندڙ اهلڪارن کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو، ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته شهرين جي تحفظ ۽ اعتماد جي بحالي اولين ترجيح آهي
