خيرپور: ايمبولينس جي مبينا ٽڪر ۾ زخمي ٿيل نينگر وٽ هدايت ويلفيئر ٽرسٽ جي ٽيم پهتي

asif breaking - Copy (2)

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) گذريل ڏينھن جانوري ڳوٺ ڀرسان ھدايت جماڻي ويلفيئر ٽرسٽ جي ايمبولنس جي ٽڪر زخمي ٿيل 9 سالا نينگر زوار مري واري واقعي بعد ھدايت جماڻي ويلفيئر ٽرسٽ جي باني مبين جماڻي جي نوٽيس تي هدايت جماڻي ويلفيئر ٽرسٽ جي ٽيم متاثر نينگر وٽ پهتي

نينگر جي بھتر علاج لاءِ نينگر کي ٽرسٽ جي ايمبولنس ذريعي کڻائي خيرپور جي مشھور ڊاڪٽر صفدر آرائين وٽ علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو

ياد رھي ته گذريل ڏينھن ھدايت جماڻي ويلفيئر ٽرسٽ جي ايمبولنس رستي سان وڃي رھي ھئي ته روڊ ڀرسان راند کيڏندڙ ٻارڙو گاڏي آڏو  اچي وڃڻ سبب زخمي ٿيو هو، جنھن بعد ايمبولنس ڊرائيور وارثن جي ڌمڪائڻ جي خوف کان ٽرسٽ جي آفيس پھتو جتي ھن واقعي بابت ٽرسٽ جي اڳواڻن کي ٻڌايو جنھن بعد زخمي ٿي ٿيل نينگر کي ان ئي وقت ٽرسٽ جي ايمبولنس ذريعي کڻائي سول اسپتال مان ترت علاج ڪرايو ويو

ان موقعي تي ھدايت جماڻي ويلفيئر ٽرسٽ جي باني جي ھدايتن تي ٽيم پاران ھر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ خاطري ڪرائي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *