خيرپور: کهڙا ٿاڻي جي حدن ۾ پوليس جو ڪريڪ ڊائون 9 شڪي ماڻهو سوگها

WhatsApp Image 2025-07-27 at 14.11.26_7c96128b

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو  ) ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي جي حڪمن تي سب ڊويزن گمبٽ جي کهڙا ٿاڻي سميت مختلف علائقن ۾ سرچنگ آپريشن ڪيو ويو

سرچ آپريشن ۾ چار ايس ڊي پي اوز سميت مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت وڏي نفري طرفان آپريشن ۾ حصو ورتو ويو

خيرپور پوليس ڳوٺ سلطان ڪليري، لال ڏنو اڄڻ ۽ غلام اڄڻ سميت مختلف علائقن ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو

آپريشن دوران ڪچي ۽ پڪي طرف ويندڙ رستن کي بند ڪيو ويو ۽ آپريشن دوران 9 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي کانئن جاچ شروع ڪئي وئي آهي

آپريشن دوران ڏوهارين جي ٺڪاڻن کي مسمار ڪري باهه لڳائي وئي، آپريشن ۾ بڪتر بند گاڏين جديد مشينري سميت پوليس جي وڏي نفري حصو ورتو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *