ريتي: ڳوٺ ٻيلو شر ۾ پوليس جي ڪاروائي قتل ڪيس ۾ گهربل هڪ جوابدار سوگهو
ريتي ( رپورٽ: اسد زمان چاچڙ ) ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ ٻيلو شر ۾ رستي جي لنگھه تان جھيڙي دوران مارجي ويل راشد شر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڊي ايس پي اوٻاوڙو جي سربراهي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو
آپريشن دوران پوليس ھڪ ڄڻي قربان ولد سونارو شر کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس آپريشن دوران جوابدارن جي گھرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ کينجھو ٿاڻي جي حد ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين جي جھيڙي ۾ نوجوان راشد علي مارجي ويو ھو
