پاڪستان پاران ڀارت ۾ ڪنهن به راندين جي مقابلي ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو

india-vs-pakistan-hockey-match

( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اسپورٽس بورڊ سڀني قومي فيڊريشنز کي هندستان ۾ راندين جي ايونٽس جي اسپانسرشپ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

پاڪستان اسپورٽس بورڊ هڪ باضابطه نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آهي، خانگي ٽي وي چينل جي رپورٽ مطابق پاڪستان سيڪيورٽي سببن جي ڪري سڀني راندين جي ٽيمن کي هندستان وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

پي ايس بي جي نوٽيفڪيشن موجب ڪو به اسپورٽس فيڊريشن پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي اجازت کانسواءِ هندستان ۾ ڪنهن به راندين جي تقريب ۾ حصو نه وٺندو.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فيڊريشن کي هندستان ۾ راندين ۾ حصو وٺڻ کان اڳ پي ايس بي سان صلاح ڪرڻ گهرجي. پي ايس بي جي ترجمان چيو ته اهي فيصلا 23 جولاءِ تي ٿيندڙ پي ايس بي بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيا ويا.

نوٽيفڪيشن ۾ ڪا مدت بيان نه ڪئي وئي آهي، هاڻي قومي هاڪي ٽيم ايشيا هاڪي ڪپ ۾ حصو نه وٺي سگهندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *