نيوسعيدآباد: نئين کليل شراب جي گتي خلاف آل پارٽيز  ڪانفرنس

Screenshot 2025-07-26 22-06-15

نيوسعيدآباد ( رپورٽ: محبوب  ڪاڪا ) پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ تعلقي نيوسعيدآباد جي اڳواڻ قمرالدين بلوچ جي ميزبانيءَ ھيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي

ڪانفرنس ۾ جميعت علماءِ اسلام، اھلسنت جماعت، مسلم ليگ ن، ايس يو پي، جماعت اسلامي سول سوسائٽي سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،

 ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته امن جي شھر نيوسعيدآباد ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ڪچي شراب سميت ٻين سماجي برائين وارا ڪم انتظاميا جي سرپرستي هيٺ ھلي رھيا آھن

جڏھن ته سنڌ حڪومت جي اجازت سان ھڪ ٽائيم ئي حيدرآباد، ٽنڊوڄام، ٽنڊوآدم، مٽياري، نيوسعيدآباد ۽ ٻين شھرن ۾ ولائتي شراب جا گتا کوليا ويا ويا آهن، نيوسعيدآباد شھر ۾ ولائتي شراب جو نئو گتو کولي نوجوان نسل کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين

ھنن وڌيڪ چيو ته سڀني سياسي سماجي مذھبي پارٽين مان ھڪ ھڪ ميمبر کڻي ھڪ ڪميٽي جوڙي ڀرپور آواز اٿاريو ويندو ۽ نيوسعيدآباد تعلقي انتظاميا سميت ضلعي انتظاميا سان ملاقات ڪري ھن اھم مسئلي بابت آگاهي ڏني ويندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *