ڪشمور: صدر مملڪت آصف علي زرداري جي 70هين سالگرهه ملهائي وئي
ڪشمور ( رپورٽ: نديم ملڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي صدر مير گل محمد خان جکراڻي ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري مير الطاف احمد خان کوسو جي هدايتن تي جکراڻي هائوس ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري جي 70ھين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو
صدر پ پ تعلقو ڪشمور مير اعجاز علي خان سولنگي، صوبائي نائب صدر سپاف سنڌ محڪم الدين جکراڻي، پ پ سٽي صدر موريو جکراڻي، سينئر ورڪر يوسف دشتي جي اڳواڻي ۾ ڪيڪ ڪٽڻ واري رسم ادا ڪئي وئي
پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقه ڪشمور، پ پ سٽي ڪشمور، يونين ڪائونسلن جي عھديدارن، ٽائون گڊو، بخشاپور سميت زيلي تنظيمن جي عھديدارن، جيالن، ۽ سپورٽرن ڀرپور شرڪت ڪئي
