ڪشمور: پوليس ۽ رينجرز جو گيهلپور جي ڪچي ۾ شر ۽ ڪوش گينگ خلاف گڏيل آپريشن
ڪشمور ( رپورٽ نمائنده خصوصي: اقرار گل فراس ) شروعاتي اطلاعن موجب آپريشن دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ جي ڏئي وٺ جاري آهي.
ايس ايس پي موجب فائرنگ جي ڏئي وٺ ۾ 8 ڌاڙيل زخمي ٿي پيا آهن، ڌاڙيلن جا ڪيترائي ٺڪاڻا ۽ مورچا تباهه ڪيا ويا آهن، رينجرز، پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي
