ڪشمور: پوليس جو ڏوهارين خلاف گرينڊ آپريشن جاري، مارجي ويل ڏوهارين جو انگ 3 ٿي ويو
ڪشمور ( رپورٽ نمائنده خصوصي: اقرار گل )ڪشمور بخشاپور ٿاڻي جي حد ۾ جاري سرچ آپريشن دوران پوليس وڌيڪ ٻن ڏوهارين جا لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن، مارجي ويل ڏوهارين جو انگ 3 ٿي ويو آهي، ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو موجب پوليس جي بروقت ڪاروائي سبب هي ڪاميابي حاصل ٿي
مارجي ويل ٻن ڏوهارين جي سڃاڻپ بنگل بنگوار، عبدالڪريم بنگوار ۽ آهڙ بنگوار طور ٿي آهي، ايس ايس پي موجب مارجي ويل ڏوهاري ڌاڙن، اغوا براءِ تاوان، ڀتا خوري ۽ انڊس هاءِ وي تي ٿيندڙ ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث هئا
