گهوٽڪي: اي سيڪشن پوليس جي ڪاروائي 3 جوابدار سوگها، موٽرسائڪلون ۽ سامان هٿ

WhatsApp Image 2025-07-26 at 13.47.30_e140363b

گهوٽڪي ( رپورٽ: لالا آصف بلوچ ) گهوٽڪي اي سيڪشن ايس ايڇ او محمد قابل ڀيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دوران گشت ماٿيلو لنڪ روڊ ابلو واري پل تي سنيپ چيڪنگ دوران موٽر سائيڪلون چوري ڪندڙ گروهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي

گرفتار جوابدارن ۾ فرحان چاچڙ، ارسلان لاکو، ياسين گڏاڻي شامل آهن، جن وٽان چوري ٿيل موٽر سائيڪلون ۽ اسپيئر پارٽس جو سامان هٿ آيو آهي، جيڪو گهوٽڪي پوليس تحويل ۾ ورتو آهي

هن وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته گرفتار جوابدار موبائيل فون کسڻ، موٽرسائيڪل چوري ۽ مختلف ڏوهن ۾ ملوث آهن،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *