گهوٽڪي: ٽڪ ٽاڪر سميرا راجپوت جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو
گهوٽڪي ( رپورٽ: لالا آصف بلوچ ) گهوٽڪي ۾ مبينا طور زهر ڏئي قتل ڪيل ٽڪ ٽاڪر سميرا راجپوت جو قتل ڪيس سندس ڀيڻ شهلا راجپوت جي فرياد تي اڳواٽ گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو
ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مقتوله سميرا کي زهر ڏيئي قتل ويو آهي، گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ٿيل قتل ڪيس ۾ علي رضا راجپوت ويٺل ۽ محمد عمران راجپوت کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو، جيڪي پهريان ئي پوليس حراست ۾ ورتل آھن ۽ پوليس پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي
