ماسميات کاتي پاران آزاد ڪشمير ۾ سڀاڻي کان تيز برساتون شروع ٿيڻ جو امڪان ظاهر
( ويب ڊيسڪ ) آزاد ڪشمير جي اسٽيٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب آزاد ڪشمير جي سڀني ضلعن ۾ 27 جولاءِ کان 31 جولاءِ تائين برساتن جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
ايس ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته 28 جولاءِ تي ايندڙ برساتن جو سلسلو طوفاني ٿي سگهي ٿو، جنهن ڪري ڪجهه هنڌن تي طوفان برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ جو امڪان آهي.
ايس ڊي ايم اي مسافرن ۽ خاص طور تي سياحن کي محتاط رهڻ جي صلاح ڏني آهي.
ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چوڻ آهي ته طوفاني هوائن جي ڪري ڪمزور انفراسٽرڪچر کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، جنهن ۾ وڻ، بجلي جا پول ۽ سولر پينل شامل آهن.
