ايشيا ڪپ 2025 جو شيڊيول جاري، ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمون حصون وٺنديون

sddefault

( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان، ڀارت، يو اي اي ۽ عمان کي گروپ اي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بنگلاديش، سريلنڪا، افغانستان ۽ هانگ ڪانگ کي گروپ بي ۾ شامل ڪيو ويو.

ايشيا ڪپ جو پهريون ميچ 9 سيپٽمبر تي افغانستان ۽ هانگ ڪانگ وچ ۾ کيڏيو ويندو.

پاڪستان پنهنجو پهريون ميچ 12 سيپٽمبر تي عمان خلاف کيڏندو، جڏهن ته پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ ميچ 17 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو.

پاڪ ۽ ڀارت ٽاڪرو 14 سيپٽمبر تي ٿيندو، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٻيون ميچ 21 سيپٽمبر تي ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت سپر فور ۾ پهچي وڃن ٿا ته 21 سيپٽمبر تي هڪ ٻئي سان آمهون سامهون ٿيندا.

ايشيا ڪپ جو سپر فور مرحلو 20 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو، ياد رهي ته اڄ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 2025 جي شيڊيول جو اعلان ڪيو.

ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايشيا ڪپ 9 کان 28 سيپٽمبر تائين گڏيل عرب امارات ۾ منعقد ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *