پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٿيندڙ ٽن ٽي 20 ميچن جي سيريز جو شيڊول جاري
( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جو ٽي 20 اسڪواڊ ٻن گروپن ۾ ڍاڪا کان دبئي ويندو، دبئي کان پاڪستاني ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف سيريز کيڏڻ لاءِ آمريڪا رواني ٿيندي.
ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ پهريون ٽي 20 ميچ 31 جولاءِ، ٻيون 2 آگسٽ ۽ ٽيون ميچ 3 آگسٽ تي کيڏيو ويندو، ٽئي ميچ فلوريڊا ۾ کيڏيا ويندا.
ياد رهي ته پاڪستان کي بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 2-1 تان شڪست حاصل ٿي
