ريتي: يوسي چيئرمين فياض چاچڙ سوشل ورڪر تي مڇرجي پيو، مبينا طور گارگند ۽ موتمار ڌمڪيون

Screenshot 2025-07-24 13-57-05

ريتي ( رپورٽ: اسد زمان چاچڙ ) سوشل ورڪر سڪندر چاچڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته مون کي لنڊ گروپ اوٻاوڙو جي ترجمان امجد خان لنڊ شھر ۾ھلندڙ ترقياتي ڪم جي نگراني لاءِ چيو جيڪا ڳالهه يوسي چيئرمين ريتي کي پسند ناھي انھي ڪري يوسي چيئرمين فياض چاچڙ ميگھواڙ محلا ۾ ھلندڙ ترقياتي ڪم تي پنھنجا ماڻھو وٺي مون مٿان حملو ڪرايو ۽ گارگند ڪئي

متاثر سوشل ورڪر چيو ته مون اهڙي واقعي جي ريتي ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائي آھي جيڪڏھن پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا ته اسان پنھنجو لاحه عمل جوڙينداسين

ھوڏانھن ٻئي طرف يوسي چيئرمين فياض چاچڙ جو ڇوڻ آهي ته مون سڪندر چاچڙ تي حملو ۽ تشدد ناھي ڪيو، کيس پنھنجي محلي ۾ڪم جي نگراني ڪرڻ کان منع ڪيو آھي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *