ڏوڪري: ڏينهن ڏٺي جو سونارڪي دڪان تان 8 هٿياربندن پاران 10 لک رپيا ڦر
ڏوڪري ( رپورٽ: بابر ٻگهيو ) ڏوڪري ٿاڻي ڀرسان مرڪزي امام بارگاهه وٽان سون جي واپاري اجيت ڪمار کان ڏينهن ڏٺي جو سرعام 8 نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي 10 لک روڪ رقم ۽ 20 تولا سون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا
واقعي جو ڏوڪري ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي سوناري اجيت ڪمار کان ڦر واقعي بابت معلومات ورتي
واپاري اجيت ڪمار جو چوڻ آهي ته ڏينهن ڏٺي جو سرعام 8 کان وڌيڪ نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي دڪان تي ڪاهه ڪري يرغمال بڻائي 10 لک روڪ رقم ۽ 20 تولا سون کان وڌيڪ ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا
